حڪومتي دعوائن باوجود مهانگائي چوٽ چڙهيل، هڪ هفتي ۾ عام واهپي جِي 14 شين جَي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو رڪارڊ

اسلام آباد : حڪومتي دعوائن باوجود ملڪ ۾ مهانگائي جو جِن بوتل ۾ نه آيو، هڪ هفتي ۾ عام واهپي جِي 14 شين جَي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، شماريات کاتي مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٽماٽا ٻاهران گهرائڻ جا اثر نظر اچڻ لڳا آهن، هڪ هفتي ۾ ٽماٽا 50 سيڪڙو سستا ٿي ويا، اٽي ۽ کنڊ جي اگهن ۾ به 2-2 رُپيا لاٿ رڪارڊ، ايل پي جِي جَي گهريلو سلينڊر جَي اگهن ۾ 85 رُپيا واڌ، ڪڪڙ جي گوشت ۾ 17 ۽ ٿوم جي اگهن ۾ ساڍا 9 رُپيا في ڪلو واڌ، گذريل هفتي دال ماش، چڻن جي دال ۽ خُشڪ کير جِي اگهن به ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔