پاڪستان ۽ بوسنيا پاران مختلف شعبن ۾ گڏيل معاهدن تي صحيحون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ بوسنيا گڏيل معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيو،تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته بوسنيا جي صدر کي ڀليڪار چئون ٿا،پاڪستان جو عوام بوسنيا جي عوام کي اهميت ڏي ٿو.هن چيو ته مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان جا بوسنيا سان پراڻا لاڳاپا آهن.عمران خان چيو ته بوسنيا سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا ۽ ڪشمير بابت موقف جي حمايت تي ٿورائتا آهيون.وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ گستاخ خاڪن جي مذمت ڪن ٿا،اظهار راءِ جي آزادي کي مذهب خلاف استعمال نه ڪرڻ گهرجي.وزير اعظم چيو ته رسول ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي برداشت ڪري نٿي سگهجي.هن چيو ته بوسنيا جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي مهمان صدر جو ٿورائتو آهيان.بوسينيا جي صدر شفيق جعفر ووچ چيو ته پاڪستان جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي،پاڪستان ۽ بوسنيا جا سٺا ۽ ڀائپي وارا لاڳاپا آهن،جن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آئندهه به گڏجي ڪم ڪنداآمريڪي صدارتي چونڊن ۾ تاريخ رقم ڪندڙ مسلمان عورتن الهان عمر ۽ راشده طليب ٻيو ڀيرو ڪانگريس جون ميمبر چونڊجي ويون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران الهان عمر ۽ راشده طيب کي صدارتي چونڊن کان اڳ نسلي ۽ مذهبي نفرت کي منهن ڏيڻو پيو. ٽرمپ جي تنقيد باوجود ڪاري نسل جي مسلمان ڊيموڪريٽڪ الهان عمر ۽ راشده طليب صدارتي چونڊن ۾ پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ڪاميابي ماڻي.الهان عمر رياستي مني سوٽا، جڏهن ته راشده طليب رياست مشي گن مان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ٻيو ڀيرو آمريڪي ڪانگريس جون ميمبر چونڊجي ويون.ان کان اڳ ٻئي 2018 ۾ پهرين مسلمان ۽ ڪانگريس ميمبر چونڊجي تاريخ رقم ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔