فيصل واوڊا نااهلي ڪيس ۾ ڪارروائي ترت روڪڻ واري استدعا رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا نااهلي ڪيس ۾ ڪارروائي ترت روڪڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي،عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج،جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ريڪارڊ ڏسي ڪري فيصلو ڪري ڇڏينداسين.عدالت فيصل واوڊا جي وڪيل کان پڇيو ته توهان بيان جمع ڪرايو آهي؟وڪيل جي انڪار تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.عدالت فيصل واوڊا جي وڪيل کي خبردار ڪندي چيو ته اکٻوٽ بند ڪريو،،ان سان ڪوبه فائدو ناهي.ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا جي نامزدگي جي ڪاغذن سميت سمورو ريڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.جسٽس عامر فاروق ، فيصل واوڊا جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا توهان هي چئي سگهو ٿا ته فيصل واوڊا ڪڏهن آمريڪي شهري نه رهيو آهي؟،توهان پنهنجي ڪلائينٽ لاءِ مسئلا پئدا ڪري رهيا آهيو.فيصل واوڊا جي وڪيل استدعا ڪئي ته کيس وقت ڏنو وڃي، جيئن پنهنجي موڪل کان هدايتون وٺي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔