سنڌ سرڪار به صوبي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح وڌڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي : سنڌ سرڪار به صوبي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح وڌڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، ترجمان مرتضيٰ وهاب شهرين کي وڌ کان وڌ احتياط جي اپيل ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڪورونا جي ڪيسز جي شرح وڌي ساڍا 6 سيڪڙو ٿي وئي، اهو تاثر غلط آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ختم ٿي ويو، گهرن مان نڪرڻ وقت ماسڪ پائڻ سان گڏ سماجي وٿي برقرار رکي وڃي، آفيسز، واپاري مرڪزن، شادي هالز، ريسٽورنٽس ۽ ٻين رش وارين جاين ۾ سماجي وٿي توڙي ماسڪ پائڻ اڻٽر قرار، اين سي او سي جي اجلاس دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ جي حوالي سان بريفنگ، ڪورونا جي ڦهلاءُ ۽ خطري وارن علائقن ۾ حفاظتي انتظامن جو به جائزو ورتو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔