بلديه سانحي ڪيس جي پيروي ڪندڙ ‘اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) بلديه فيڪٽري سانحي سميت اهم ڪيسز جي پيروي ڪندڙ سينيئر اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.سينيئر اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر شيخ ساجد محبوب پنهنجي استعيفيٰ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي اماڻي ڇڏي آهي.شيخ ساجد محبوب جو چوڻ آهي ته ذاتي سببن ڪري وڌيڪ ڪم جاري نٿو رکي سگهان.شيخ ساجد محبوب 5 سالن تائين اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر هاءِ پروفائيل ڪيسز ۾ سرڪار پاران پيروي ڪئي، جڏهن ته بلديه فيڪٽري سانحي جي فيصلي بعد شيخ ساجد محبوب لاءِ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو هو.ذريعن موجب اهم ڪيسز جي پيروي ڪندڙ سينيئر اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر شيخ ساجد محبوب جي حياتي کي خطرو هو، بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي فيصلي بعد کيس نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون به ملي رهيون هون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔