ڪي ايم سي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو ڪيس: چئن جوابدارن جي سزا خلاف درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي ۾ غير قانوني ڀرتين ڪيس ۾ چئن جوابدارن جي سزا خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ غير قانوني ڀرتين ڪيس ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌايل جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت جوابدار محمد احسان، رضي الرحمان، مرزا جيلاني ۽ محمد سليم جي سزا خلاف اپيل رد ڪئي، جڏهن ته 10 سالن واري سزا ٽيڪنيڪل بنياد تي 5 سالن ۾ تبديل ڪئي وئي.عدالت پاران اپيل رد ٿيڻ تي پوليس جوابدار محمد سليم ۽ رضي الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 2 جوابدار فرار ٿي ويا، جن کي به عدالت گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.واضح رهي ته بينڪنگ ڪورٽ چئني جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔