اين سي او سي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ شهرين جي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: اين سي او سي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ شهرين کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته شهري جتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڏسن فوري طور تي آگاهه ڪن. ماسڪ نه پائڻ، سماجي وٿي، ميڙ وارين جڳهين تي ڀڃڪڙي  جون تصويرون موڪليون وڃن. اسد عمر ڀڃڪڙي جي صورت ۾ شڪايت لاءِ موبائل نمبر به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو آهي ته شهري ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جي تصوير 3336262-0335 تي موڪلين. ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس وڌيڪ 11 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 6 هزار 806 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 3 لک 32 هزار 993 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 807 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا پنجاب ۾ هڪ لک 4 هزار 16، سنڌ ۾ هڪ لک 45 هزار، 475، خيبرپختونخواهه ۾ 39 هزار 458، بلوچستان ۾ 15 هزار 896، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 248، اسلام آباد ۾ 19 هزار 818 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 4 هزار 82 ڪيس رپورٽ ٿيا.

سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 44 لک 31 هزار 225 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 هزار 688 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 3 لک 14 هزار 66 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 669 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔