سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي اغوا واقعي تي ڪميشن جوڙڻ واري درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي اغوا واقعي تي ڪميشن جوڙڻ واري درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پنهنجي اعتراضن ۾ چيو آهي ته درخواستگذارن سپريم ڪورٽ کان اڳ ڪنهن به لاڳاپيل فورم سان رابطو ناهي ڪيو، درخواست ۾ واضح ناهي ته آءِ جي سنڌ جو اغوا ڪهڙي ريت عوامي نوعيت جو معاملو آهي، درخواست ۾ استعمال ٿيل ٻولي به شڪي آهي، هڪ ئي درخواست ۾ کوڙ استدعائون ڪيون ويون، سماجي اڳواڻن آءِ اي رحمان سوڌو ٻين طرفان گڏيل طور سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا معاملي جي جاچ لاءِ آزاد ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔