مزارِ قائد تي نعريبازي واري ڪيس ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جِي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

ڪراچي : مزارِ قائد تي نعريبازي واري ڪيس ۾ عدالت نواز ليگ اڳواڻ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جِي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران نواز ليگ اڳواڻ جي وڪيل چيو ته رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر شهر کان ٻاهر هجڻ سبب عدالت آڏو پيش نه ٿي سگهيو آهي، ڪيس جي جاچ آفيسر طرفان به چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب، عدالت جاچ آفيسر کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيندي رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔