جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس: درخواستگذارن کي تياري لاءِ مهلت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس تي نظرثاني جي درخواستن جي ٻڌڻي دوران درخواست گذارن وڌيڪ تياري ۽ درخواستن ۾ ترميم لاءِ وقت گهري ورتو. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ست رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته چاهيون ٿا ته جسٽس فيصل عرب جي رٽائرمينٽ کان پهريان ڪيس ٻڌي وٺون. درخواست گذارن جي وڪيلن ٻن هفتن جو وقت گهري ورتو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته درخواست گذارن کي ٻڌڻ جو مڪمل موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا. عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 16 نومبر کان شروع ٿيندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔