پي ايم سي کي انٽري ٽيسٽ لاءِ رجسٽريشن فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل کي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ انٽري ٽيسٽ لاءِ رجسٽريشن فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت پي ايم سي جَي لکت ۾ جواب کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 2 مان وڌائي 6 نومبر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا پاليسي واري تڪرار تي شاگردن پاران داخل ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻيءَ دوران پي ايم سي جَي وڪيل ذيشان عبدالله لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، جيڪو عدالت رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو. پي ايم سي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذارن جو تعلق خانگي ڪاليجز سان آهي، جيڪي مداخلت ڪرڻ چاهين ٿا، انهن واضح ناهي ڪيو ته ڪهڙن بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. عدالت پي ايم سي وڪيل کي انٽري ٽيسٽ لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 2 مان وڌائي 6 نومبر ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔