پ پ پاران آئين جي ڀڃڪڙي تي حڪومت ۽ صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي حڪومت ۽ صدر عارف علوي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،صدر آئيني فرض نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي،صدر کي رضاڪاراڻا طور استعيفا ڏيڻ گهرجي ها. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته ايوان صدر کي آرڊيننس فيڪٽري بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي غير فعال ڪري ڇڏيو آهي. صدر قاضي فائز عيسيٰ سميت ٻن ججن جي خلاف ريفرنس موڪليو،جيڪو آئين جي ڀڃڪڙي هئي. رضا رباني چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ بي انتها غلطيون هيون،صدر سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ غير قانوني آرڊيننس جاري ڪيو،جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته صدر عارف علوي آزاد عدليا تي حملي جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي. رضا رباني چيو ته عدالتي فيصلن کانپوءِ خيال هي هو ته صدر پاڻ استعيفا ڏئي ڇڏيندو ،پر هن ائين نه ڪيو.عدالتي فيصلن مان ثابت ٿيو ته صدر ججز بابت ريفرنسز ۾ پنهنجون آئيني ذميداريون پوريون نه ڪيون. هن چيو ته قانون جي وزير غير قانوني طور ريفرنس ٺاهيا،جن جي روح خلاف فيصلا آيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔