مراد سعيد نيب قانون ۾ ترميم لاءِ اپوزيشن جي تجويزن جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير مراد سعيد نيب قانون ۾ ترميم لاءِ اپوزيشن طرفان پيش ڪيل تجويزن جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي، مراد سعيد اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا قومي ادارن خلاف زهر اوڳاڇي مودي جي نظرئي کي هٿي ڏئي رهيا آهن، ڪجهه به ٿي پوي، اين آر او نه ملندو، حڪومت قوم جو لُٽيل پئسو واپس ڪرائيندي، اسان اين آر او گهرندڙن تي لعنت وجهون ٿا، بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته رياست جي عمارت جو بُنياد شروع کان ئي ٽَيڙو رکيو ويو، بُنياد ئي غلط هجي ته عمارت ڪيئن صحيح ٿي سگهي ٿي، محمود خان اچڪزئي جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، جلسي ۾ ڪنهن به پاڪستان ٽوڙڻ ۽ اردو ٻولي جي حوالي سان غلط ڳالهه نه ڪئي آهي، اندازو نه هو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ ايترو ڇانئجي ويندي، ايوان ۾ ماحول ڏسي اندازو ٿيو ته پي ڊي ايم تحريڪ جو اثر پيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔