جِن ملڪ سان غداري ڪئي آهي، اُنهن جو احتساب ٿيندو:عمران خان

لاهور (بيورو رپورٽ) جِن ملڪ سان غداري ڪئي آهي، اُنهن جو احتساب ٿيندو، آئون بليڪ ميل ٿيڻ وارو نه آهيان، مافيا کي جيل وڃڻو پوندو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن وقت مافيا ائين گڏ ٿي وئي آهي، جيئن هڪ اسپتال ۾ سڌار آڻڻ تي مافيا متحد ٿي ويندي آهي، جيڪي ماڻهو کنگهه جي علاج لاءِ به لنڊن وڃن، اُنهن کي پاڪستان جي عوام جي پرواهه ڇو هوندي؟ نئون پاڪستان بٽڻ دٻائڻ سان نه، پر جدوجهد ذريعي ايندو، قوم جي ڊگهي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي تبديلي ايندي آهي، ڪرپٽ نظام مان فائدو وٺندڙ ننڍي مافيا تبديلي اچڻ ناهي ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔