وفاقي حڪومت ٽيهه آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت 12 ربيع الاول جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 30 آڪٽوبر 2020 تي عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي.

هر سال جيان هن سال به 12 ربيع الاول مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ان موقعي تي مسجدن، گهٽين ۽ رستن کان علاوه سرڪاري ۽ خانگي عمارتن کي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي ۽ آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت ۽ سندس زندگي تي روشني وجهڻ جي لاءِ محفلون ۽ سيمينارن جو اهتمام به ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته سنڌ حڪومت اڳ ئي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔