عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس ،ادارن کي ڪمزور بڻائڻ واري سازش ناڪام بڻائڻ تي اتفاق

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جي اجلاس دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي صلاح مشورا، گورنر سنڌ عمران اسماعيل طرفان وزيراعظم سوڌو ٻين اڳواڻن کي ڪراچي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ذريعن موجب اجلاس دوران اپوزيشن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ادارن کي ڪمزور بڻائڻ واري سازش ناڪام بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پي ڊي ايم جي تحريڪ کان ڊنل نه آهي، وزيراعظم ڪنهن به چور کي اين آر او نه ڏيندو، وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ سنڌ جي ايم پي ايز کي به طلب ڪري ورتو، حليم عادل شيخ، فرودس شميم نقوي، خرم شير زمان ۽ ٻيا ايم پي ايز اسلام آباد پهچي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔