عراقي بينڪ جي انوکي آڇ: ٻئي شادي ڪريو ۽ هڪ ڪروڙ روپيه روڪ وٺو

بغداد: عراق جي مشهور بينڪ ملازمن کي ٻئي شادي ڪرڻ تي هڪ ڪروڙ دينار آسان شرطن تي قرض ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.ميڊيا رپورٽ موجب عراق ۾ 35 سالن کان وڌيڪ عمر جي غير شادي شده ڪنواري عورتن جو انگ ڪافي وڌي چڪو آهي. تيل سان مالا مال عرب ملڪ کي 2003 ۾ آمريڪي حملي کان پوءِ لاڳيتو گهرو ويڙهه سبب معاشي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.روزگار جي مسئلن سبب نوجوانن ۽ مردن جي اڪثريت غربت جو شڪار آهي جيڪا شادي ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. عراق ۾ ڪيل هڪ سروي مان حاصل ڪيل انگن اکرن موجب 35 سالن کان وڌيڪ 70 سيڪڙو عورتون غير شادي شده آهن. اهڙي صورتحال کي ڏسندي عراقي بينڪ الرشيد پنهنجي ملازمن کي وڏي آڇ ڪئي آهي ته ان جو ڪوبه ملازم جنهن کي نوڪري ڪندي 2 سال ٿيا آهن ۽ هن پهرين شادي تي قرض نه ورتو هجي اهو هڪ ڪروڙ دينار اوڌر تي حاصل ڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه تعريف جوڳي آهي ته ملڪ ۾ بيروزگاري سبب نوجوانن جي اڪثريت پرڏيهه وڃڻ کي اوليت ڏئي رهي آهي جنهن سبب مقامي عورتن جون شاديون نه ٿيڻ جو معاملو شدت اختيار ڪري ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔