پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ سيريز تماشائين جي موجودگي ۾ کيڏي ويندي

لاهور: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز تماشائين جي موجودگي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ سيريز جي دوران تماشائين جون رونقون به هونديون ٽڪيٽن جي وڪري جي شروعات ڪئي وئي آهي.ڪورونا وائرس کان پوءِ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ پهرين انٽرنيشنل سيريز نومبر ۾ ٿيندي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچ کيڏندي ان کان علاوه پاڪستاني ٽيم 18، 20 ۽ 22 ڊسمبر تي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن کان پوٰءِ 2 ٽيسٽ به کيڏندي، پهريون 26 ڊسمبر ۽ ٻيون 3 جنوري کان شروع ٿيندو. اڃان تائين انگلينڊ ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ميچ تماشائين کان سواءِ تيا، زمبابوي جي خلاف پاڪستان جي هوم سيريز ۾ به اسٽيڊيم خالي هوندا.ڪورونا کي قابو ڪندڙ ملڪ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ تماشائين جو گوڙ ۽ تاڙين جي گونج به ٻڌڻ ۾ ايندي،. جڏهن ته ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان جي خلاف سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جي شروعات ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔