کنڊ بحران بابت انڪوائري مڪمل ،شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ملز مالڪن جي ڳٺ جوڙ بحران جو سبب قرار،ڪارروائي جي سفارش

اسلام آباد ؛ کنڊ بحران بابت مسابقتي ڪميشن انڪوائري مڪمل ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي. جاچ بعد جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ملز مالڪن جي ڳٺ جوڙ سبب ملڪ ۾ کنڊ جو بحران ٿيو، ڪوڙ ڳالهائي حڪومت کان من پسند فيصلا ڪرايا ويا. ڪميشن رپورٽ ۾ چيو آهي ته جهانگير ترين جَي، جِي ڊبليو گروپ جي ملوث هئڻ جا جوڳا ثبوت مليا آهن، شگر ملز جو ڳٺ جوڙ 2010 کان جاري آهي، جيڪي ڪريشنگ سيزن ۾ دير جون به ذميوار آهن، ملز مافيا حڪومت سان ڪوڙ ڳالهائي ايڪسپورٽ جي نالي تي اربين رپين جي سبسڊي ورتي، ڪميشن پاران ذميوارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔