سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري سرينا عيسيٰ آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري سرينا عيسيٰ آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل اثاثن ۾ گاڏين، بينڪ اڪائونٽس ۽ ملازمن جا به تفصيل شامل به شامل ڪيا ويا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 3 سالن ۾ 66 لک 71 هزار 722 رپيا ٽئڪس ادا ڪيو، 3 سالن ۾ سندس 5 ڪروڙ 34 لک 97 هزار 865 رپيا آمدني ٿي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته هن ڪراچي ڊفيز فيز ٽو ۾ 8سئو گز جا 2 پلاٽ وڪيل جي حيثيت ۾ خريد ڪيا هئا، سندس بينڪ اڪائونٽ ۾ 4 ڪروڙ 13 لک 30 هزار 856 رپيا آهن، جواب ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع ۾ آمدني هڪ ڪروڙ 51 لک 13 هزار 972 رپيا هئي، جنهن دوران 22 لک 916 رپيا ٽئڪس ڏنو، 2019 ۾ آمدني هڪ ڪروڙ 39 لک 972 رپيا ٿي، جنهن جو 17 لک 92 هزار رپيا ٽئڪس ادا ڪيو، سپريم ڪورٽ جي جج جواب ۾ ڄاڻايو آهي آهي ته سال 2020ع ۾ آمدني وڌي 2 ڪروڙ 12 لک 37 هزار 921 رپيا ٿي، جنهن جو 26 لک 78 هزار 799 رپيا ٽئڪس ادا ڪيو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا عيسيٰ به اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔