مريم نوازڪراچي واقعي تي آرمي چيف کان جاچ جو مطالبو ڪرڻ واري عمل تي اعتراض واري ڇڏيو

لاهور : مريم نواز ڪراچي واقعي تي آرمي چيف کان جاچ جو مطالبو ڪرڻ واري عمل تي اعتراض واري ڇڏيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جمهوريت ۾ عدليه ۽ حڪومت کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به نوٽيس نه وٺڻ گهرجي، نه ئي ڪنهن ٻئي کان اهڙو مطالبو ڪرڻ گهرجي، ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي، صفدر جي گرفتاري واري ڏينهن مراد علي شاهه فون تي رابطو ڪيو ۽ حيران ڪندڙ تفصيل ٻڌايا، جاچ ۾ اهي ڳالهيون پڌريون ٿي وينديون، ظاهر ٿي ويو ته ملڪ کي ڪهڙي طريقي سان هلايو وڃي ٿو، لاهور ۾ بلوچ شاگردن سان ٻڌي جي اظهار بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پنجاب کي بونا ڪمپني حوالي ڪيو ويو آهي، شهباز شريف کانسواءِ پنجاب نڌڻڪو ٿي ويو، حڪومت کي بلوچ شاگردن جو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي، شاگرد 12 ڏينهن کان پنهنجي جائز مسئلن لاءِ دربدر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔