سنڌ اسيمبلي آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ۽ پوليس سان ٻڌي جي اظهار وارا ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتا

ڪراچي :سنڌ اسيمبلي آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ۽ پوليس سان ٻڌي جي اظهار وارا ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتا، پ پ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ اپوزيشن جي گوڙ ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، اپوزيشن طرفان اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ۽ نعريبازي دوران متحده ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا، اسيمبلي مان منظور ٿيل ٺهراءُ ۾ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس کي رد ڪندي چيو ويو آهي ڏنگي ۽ بُنداڙ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهي، وفاقي حڪومت ٻيٽن تي قبضي لاءِ غيرآئيني طريقي سان آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جاري ڪيو، سنڌ اسيمبلي، حڪومت ۽ صوبي جو عوام آرڊيننس کي رد ڪري ٿو، پوليس سان ٻڌي جي اظهار لاءِ منظور ٿيل ٺهراءُ ۾ سنڌ سرڪار ۽ آرمي چيف کان ڪراچي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔