فضل الرحمان پاران آءِ جي سنڌ کي يرغمال بڻائيندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان آءِ جي سنڌ کي يرغمال بڻائيندڙن خلاف فوري طور ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نوابشاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري سازش هئي. مولانا فضل الرحمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي يرغمال بڻائي گرفتاري وارنٽس تي زبردستي صحيحون ورتيون ويون، اڄ سنڌ ۾ ٿيو، سڀاڻي ساڳيو عمل ٻين صوبن ۾ به ٿي سگهي ٿو. صوبائي اختيارن ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي حليم عادل پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آهي. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته آءِ جي سنڌ کي يرغمال بڻائڻ بابت وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون، معاملي جي جاچ جي ضرورت ناهي، ذميوارن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔