وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ٻيٽ سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن ،اڄ واضح ٿي ويندو ته ڪهڙي پارٽي سنڌ جي عوام سان گڏ آھن، ايم ڪيو ايم کي به واضح ٿيڻو پوندو ته هو سنڌ جي عوام سان يا پي ٽي آءِ جي عوام دشمن سرڪار سان گڏ آهن. سنڌ اسيمبلي آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ جي ٻيٽن بابري جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس خلاف ڄهراءُ پيش ڪري وفاقي سرڪاري کان مطالبو ڪيو ويندو ته آرديننس کي رد ڪيو وڃي. مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ٻيٽ سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ، اڄ سنڌ اسيمبلي جو تاريخي اجلاس آهي جنهن ۾ واضح ٿي ويندو ته ٻيٽن واري معاملي تي ڪهڙي پارٽي سنڌ ڌرتي جي جي مٽي ۽ عوام سان گڏ آھي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ، ايم ڪيو ايم کي به واضح ٿيڻو پوندو ته هو سنڌ جي عوام سان يا پي ٽي آءِ جي عوام دشمن سرڪار سان گڏ آهن. اسيمبلي ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني آرڊيننس واپس وٺڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو، صدارتي آرڊيننس آئين جي خلاف آهي ،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔