سنڌ جو هر شخص پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد : اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ڊي ايم اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان سنڌ حڪومت سان گڏ آهيون،ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا،اسان سنڌ پوليس سان گڏ آهيون،سنڌ جو هر شخص پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو. اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف، اڪرم دراني ۽ احسن اقبال سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته آئين جي بالادستي هجي ته وزير اعظم صوبي جي وڏي وزير کي فون ڪري ها،ڇا عمران خان کي وفاق ۽ صوبن جي پرواهه ناهي؟ پي ڊي ايم اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم وڏي انگ ۾ عوام جي جلسن ۾ شرڪت تي بوکلائجي ويو آهي. هن چيو ته حڪومتي ترجمان قومي ادارن کي سياست ۾ ملوث ڪري رهيا آهن،وزيراعظم جو ڪوبه ذميدارانا بيان نه آيو. راجا پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم ڪراچي واري معاملي تي چپ ڪري ويهي رهيو ۽ سموري معاملي کان لاتعلق ٿي ويو. هن چيو ته وقاقي حڪومت سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ملڪ ۾ ڇڙواڳي ڦهلائڻ چاهي ٿي،عوام تنگ ٿي ڪري روڊن ۽ رستن تي اچي ويو آهي. هن چيو ته حڪمران جلسن تي ايف آءِ آرز ڪاٽي رهيا آهن،حڪمران پنهنجي مستقبل جو خيال ڪن، عوام کين رد ڪري چڪو آهي. جي يو آءِ جي اڳواڻ اڪرم دراني چيو ته هن وقت ملڪ سنگين بحران جو شڪار آهي.ملڪ جي تاريخ ۾ ڪراچي جهڙا واقعا ڪڏهن به نه ٿيا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر پهرين ڏينهن ئي چئي ڇڏيو هو ته هي جعلي حڪومت آهي،ان کي تسليم نٿا ڪريون… ان موقعي تي ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته سنڌ جي آءِ جي جو معاملو سنگين ڏوهه ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي ته حڪومت برطرف ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔