سپريم ڪورٽ پاران وفاقي سرڪار کي 120 نين احتساب عدالتن جي قيام لاءِ هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ؛سپريم ڪورٽ پاران وفاقي سرڪار کي 120 نين احتساب عدالتن جي قيام لاءِ هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ، سپريم ڪورٽ طرفان قانون واري وزارت ۾ مستقل سيڪريٽري مقرر نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ايڊهاڪ اِزم نه هلندي، ٻڌايو وڃي ته قانون واري وزارت ۾ مستقل سيڪريٽري ڇو نه آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته موجوده احتساب عدالتن کي فعال ڪرڻ بعد نين عدالتن جي قيام وارو پلان وزيراعظم ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي، عدالت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔