ايف اي ٽي ايف جو اجلاس اڄ ٿيندو، مني لانڊرنگ روڪڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو

اسلام آباد: فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اهم اجلاس اڄ پيرس  ۾ شيڊول آهي. جنهن ۾ مني لانڊرنگ کي روڪڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو ۽ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ بابت فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي.

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو ورچوئل اجلاس اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي. جيڪو 23 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جا 27 حدف پورا ڪري رهيو آهي سندس  گري لسٽ مان نڪرڻ جا ڊگها امڪان آهن، ڀارت جي منفي پروپيگنڊا سبب پاڪستان کي جون 2018 ۾  ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي ڏنل حدفن تي سختي سان عمل ڪندو رهيو ۽ سخت ترين قدم کنيا. قانون سازي تحت پرڏيهه وڃڻ دوران 10 هزار ڊالر کڻي وڃڻ تي اسٽيٽ بينڪ کان اجازت وٺڻي پوندي. سون، زيور، قيمتي پٿر جي وڪرو ۽خريد جو به دستاويز ٺاهيو ويو آهي. ڪنهن به ڏي وٺ جي ماليت جيڪڏهن 20 لک روپين کان وڌيڪ هوندي ته سڃاڻپ ڪارڊ جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

حڪومت  پاران ڪمپنيز ايڪٽ ۾ ضروري ترميم ڪري بي نامي شيئر هولڊرز جو خاتمو ڪيو ويو. مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جا فنڊ روڪڻ جي لاءِ 40 هزار روپين جي انعامي بانڊن جي رجسٽريشن سان گڏ بي نامي بانڊز رد ڪيا ويا.

پاڪستان گڏيل قومن جي گائيڊ لائنز موجب پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا  آهن ۽ سندن اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا. مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف نيب جي ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو. مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي 180 ڏينهن تائين گرفتار ڪري رکڻ جو سخت قانون به منظور ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔