ڪراچي ڌماڪن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: ڊي جي رينجرز

ڪراچي: ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل عمر بخاري چيو آهي ته سازشون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، شهري خوفزده نه ٿين.

رپورٽ موجب  ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل عمر بخاري مسڪن چورنگي  ويجهو ٿيندڙ ڌماڪن جي جڳهه جو دورو ڪيو ۽ حالتن جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي ڊي جي رينجرز صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڌماڪو ڏکوئيندڙ واقعو آهي ۽ ڌماڪي  بابت آفيسرن کان تفصيل حاصل ڪيا آهن.

هن چيو ته گذريل ڏينهن ۽ اڄ ٿيندڙ ڌماڪي جي واقعن جي جاچ ڪئي پئي وڃي سازش ڪندڙن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪراچي جا شهري خوفزده نه ٿين.

ميجر جنرل عمر بخاري شهرين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي پر اسان کي مضبوط رهڻو آهي. اسان دشمن جي ناپاڪ ارادن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته متاثر عمارت کي خالي ڪرايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔