سنڌ حڪومت ڏکئي وقت ۾ پنهنجي پوليس سان گڏ بيٺل آهي: وڏو وزيرمراد علي شاهه

ڪراچي :ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي تذليل واري واقعي تي پوليس آفيسرز طرفان موڪل ملتوي ڪرڻ بعد اهم اڳڀرائي ٿي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ سوڌو پوليس جي سينيئر آفيسرز ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم گڏجاڻي ٿي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان پوليس آفيسرز کي آگاهي ڏني، صلاح مشورن بعد وڌيڪ اهم فيصلن جا امڪان آهن، ڪراچي ۾ رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ کي کنڀڻ ۽ مبينا طور سندس تذليل واري واقعي تي گذريل ڏينهن پوليس آفيسرز موڪل جي درخواست ڏني هئي، آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ڊي آءِ جيز کان وٺي ايس ايڇ اوز تائين سمورن آفيسرز جون موڪلون ملتوي ڪيون ويون.وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جيز ۽ ڊي آءِ جيز شريڪ هئا، وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڏکئي وقت ۾ پنهنجي پوليس سان گڏ بيٺل آهي، پوليس جو مورال ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ٿيڻ نه ڏينداسين، وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان آءِ جي سنڌ سوڌو ٻين پوليس آفيسرز سان ملاقات دوران اظهار ڪيو ويو، وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ پوليس امن امان جي بحالي ۽ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان پوليس جي خدمت ۽ قربانين جي ساراهه ڪريون ٿا، پوليس آزادي ۽ غيرجانبداري سان پنهنجو ڪم جاري رکي، سنڌ حڪومت پوليس جا ٻيا مامرا پاڻ ڏسندي، ملاقات دوران پوليس آفيسرز هر مرحلي ۾ رهنمائي ڪرڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا، سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته پيشيوراڻين صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ جاري رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔