ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 19 شهري حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 19 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ 6 هزار 692 ٿي ويو. ڪرونا وائرس جي ڪيسز ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ به گذريل هفتن جي ڀيٽ ۾ وڌندو پيو وڃي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران 26 هزار 670 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 660 ڄڻا پازيٽو آيا، جنهن بعد متاثرن جو انگ 3 لک 24 هزار 744 ٿي ويو آهي. رپورٽس مطابق ملڪ ۾ فعال ڪيسز 9 هزار 378 ٿي ويا،جڏهن ته 3 لک 8 هزار 674 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪرونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 319،سنڌ ۾ 2 هزار 587، ڪي پي ۾ هڪ هزار 265 ۽ اسلام آباد ۾ 199 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان ۾ فوتين جو تعداد 148، گلگت بلتستان ۾ 90 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 84 ٿي ويو. اين سي او سي سربراهه اسد عمر گذريل ڏينهن چيو هو ته ڪرونا ڪيس وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن عوام احتياط نه ڪيو ته اهي زندگي ۽ ڪاروبار کان محروم رهي سگهن ٿا…………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔