نيب سنڌ جي سياحت کاتي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف درخواست ڏيندڙ آفيسر کي جوابدارڄاڻائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جو نيب کي نوٽيس

اسلام آباد : نيب سنڌ جي سياحت کاتي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف درخواست ڏيندڙ آفيسر کي جوابدارڄاڻائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ سياحت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ دائودپوٽو جي ضمانت درخواست تي نيب کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيو، نيب پراسيڪيوٽر کان 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪيوويو آهي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته غلام مرتضيٰ دائودپوٽو نيب کي 17 ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن جي باري ۾ خط لکيو، جواب نه اچڻ تي نيب سنڌ جي پيج تي شڪايت به داخل ڪئي وئي، ريفرنس داخل ڪرڻ بعد نيب شڪايت ڪندڙ آفيسر غلام مرتضيٰ دائودپوٽو کي جوابدارن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو، کيس نوڪري مان به نيڪالي ڏني وئي، نيب جي جاچ آفيسر معاملي ۾ مڪمل طور جانبدار ڏيکاري ۽ مس ڪنڊڪٽ ڪيو آهي، عدالت جوابدار روشن ڪناسرو ۽ الطاف ميمڻ جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي، نيب ضمانت رد ٿيندي ئي جوابدارن کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔