ڏکيا فيصلا ڪرڻ سان ئي ملڪ اڳتي وڌندو آهي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: اين آر او ڏيڻ ۽ سوديبازي ڪرڻ سولو رستو آهي، پر اُن سان ملڪ جي تباهي ٿيندي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا سولو رستو نظر اچڻ بعد سمورا ڦورو ۽ لُٽيرا گڏجي ويندا آهن، ماڻهو سوچيندو آهي ته اُنهن کي اين آر او ڏيڻ سان زندگي سولي ٿي پوندي، ڏکيا فيصلا ڪرڻ سان ئي ملڪ اڳتي وڌندو آهي، قومون طئه ڪنديون آهن ته اسان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي، رڳو پئسو گڏ ڪرڻ واري سوچ تمام ننڍڙي سوچ آهي، اسلام آباد ۾ تقريب خطاب دوران وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ادارن وچ ۾ رابطن جي کوٽ رهي ۽ قوم جي ويزن کي ڌنڌلو ڪيو ويو، هاڻي ملڪ صحيح رُخ ڏانهن وڃي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔