ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا فوت، 659 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿيا آهن جڏهن ته 659 نوان ڪيس رپورت ٿيا آهن.

نيشنل اينڊ ڪمانڊ آپريشن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 659 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، پوري ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 3 لک 21 هزار 877 تائين تائين پهچي ويو آهي.

ڪورونا وائرس جي ڪري وڌيڪ 07 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 6 هزار 621 ٿي ويو، ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 279 ۽ سنڌ ۾ 2 هزار 568 فوتگيون ٿي چڪيون آهن، اسلام آباد ۾ 193، بلوچستان ۾ 146، گلگت بلتستان ۾ 90 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 80 فوت ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔