دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 3 هزار 651 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي : دنيا ۾ قاتل ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 3 هزار 651 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سموري دنيا ۾ هڪ ڏينهن دوران 2 لک 52 هزار 704 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد دنيا ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 82 لک 87 هزار ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ صورتحال بدستور خراب آهي، هڪ ڏينهن دوران 723 انساني جانيون ضايع ٿي ويون،جڏهن ته 63 هزار 430 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ڪورونا وائرس جي شڪار ڀارتي شهرين جو انگ 72 لک 36 هزار کان وڌي ويو آهي. آمريڪا ۾ 531 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا ،جنهن بعد ملڪ ۾ فوتين جو انگ وڌي 2 لک 20 هزار 252 ٿي ويو آهي. ايران ۾ 254،روس ۾ 244، ميڪسيڪو ۾ 164 ڄڻا فوت ٿي ويا، برطانيه ۾ 143،ڏکڻ آفريڪا ۾ 165، فرانس ۾ 117، يوڪرائن ۾ 107، انڊونيشيا ۾ 92، ترڪي ۾ 62 ڄڻا فوت ٿي ويا، عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 3 ڪروڙ 82 لک 87 هزار 160 ٿي ويو آهي. 2 ڪروڙ 87 لک 59 هزار 220 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔