علي ظفر ۽ ميشا شفيع حراسمينٽ معاملو: عفت عمر سميت چار جوابدار جاچ ۾ شامل

لاهور:مشهور گلوڪار علي ظفر طرفان ميشا شفيع ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف سائبر ڪرائم ونگ ۾ داخل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.سائبر ڪرائم ونگ 4 جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. سائبر ڪرائم ونگ اداڪاره ۽ ماڊل عفت عمر، فريحه ايوب، شهزاد رضا ۽ حمزه رضا کي جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ميشا شفيع کي اڃان تائين سائبر ڪرائم ونگ نوٽيس ناهي موڪليو. سائبر ڪرائم ونگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميشا شفيع پرڏيهه ۾ ترسيل آهي. ٻئِي طرف جاچ ۾ شامل ڇئني جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جوابدان بيان ڏيندي چيو آهي ته اسان عوامي راءِ تي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي اسٽيٽس اپ لوڊ ڪيا.اداڪاره عفت عمر چيو آهي ته اسان ڪنهن جي به دل آزاري لاءِ پوسٽ ناهي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔