ڪنگنا رناوت خلاف ڪيس داخل

نئين دهلي : بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت خلاف ڪرناٽڪ پوليس هارين جي توهين جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب هارين جي احتجاج تي ڪنگنا رناوت انهن خلاف توهين جوڳا ٽوئيٽ ڪيا هئا.
ڪرناٽڪ عدالت جي هدايت تي پوليس اداڪارا خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ ان خلاف ٻن گروپن کي وڙهائڻ جي ڪوشش، ڄاڻي واڻي هڪ گروپ جي توهين ڪرڻ، شر پکيڙڻ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي ضلعي ٽوماڪورو جي عدالت جي جڊيشل مئجسٽريٽ فرسٽ ڪلاس عدالت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا.
ايف آءِ آر موجب ڪنگنا رناوت احتجاج ڪندڙ هارين کي دهشتگردن سان ڀيٽيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔