والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي آزاد

سرينگر : والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي کي حراست مان آزاد ڪيو ويو آهي.
ماءُ جي حراست دوران سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ماڻهن کي باخبر رکندڙ اڳوڻي وزيراعليٰ جي ڌيءُ التجا مفتي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ”محبوبه مفتي جي غير قانوني حراست نيٺ ختم ٿي وئي آهي“.
هن لکيو ته ”مان انهن سڀني ماڻهن جي ٿورائتي آهيان، جن ڏکئي وقت ۾ منهنجي مدد ڪئي“.
ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي انتظاميا جولاءِ ۾ ماٿريءَ جي اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي جي حراست جي مدي ۾ ڪاري قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ تحت 3 مهينا واڌ ڪئي هئي.
والاريل ماٿري جي انتظاميا جي ترجمان روهت ڪنسال تصديق ڪندي چيو آهي ته پي ڊي پي سربراهه محبوبه مفتي کي حراست مان رها ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔