ڪورونا وائرس مان صحتيابي کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ نشانيون

لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ صحتيابي تائين جو سفر ڪافي مشڪل ثابت ٿيندو آهي ڇو ته قرنطينه جي دوران اوهان جسماني ڪمزوري سان گڏوگڏ دماغي مسئلن کي به منهن ڏيندا آهيو.ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جي دوران ڪيتريون ئي نشانيون ظاهر ٿينديون آهن جنهن ۾ مٿي جو سور، گلو خراب، کنگهه ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نشانيون شامل آهن. پر هاڻ ماهرن ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ يعني پوسٽ ڪووڊ 19 جي نشانين جي باري ۾ ٻڌايو آهي. ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته تقريبن 75 سيڪڙو مريضن طرفان اهي شڪايتون ملي رهيون هيون ته ان جي ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو اچڻ جي باوجود به ان ۾ ڪجهه هفتن ۽ مهينن تائين ڪجهه نشانيون ظاهر ٿي رهيون آهن.جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسوسيئيشن(جاما) طرفان ڪيل مطالعي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته صحتيابي جي باوجود به ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ مسئلو ۽ ٿڪاوٽ جهڙين نشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪورونا وائرس هڪ ڊگهي عرصي تائين انسان کي متاثر رکندو آهي جڏهن ته پوسٽ ڪووڊ نشانين ۾ تڪاوٽ، ڪلهن ۾ تڪليف ۽ ڪمزوري محسوس ٿيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔