ڌوني جي ڌيءَ کي ريپ جي ڌمڪي ڏيندڙ جوابدار گرفتار

نئين دهلي: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جي ننڍڙي ڌيءَ کي ريپ جي ڌمڪي ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
انڊين پريميئر لي (آءِ پي ايل) ۾ ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز کان شڪست بعد چنئي سپر ڪنگ جي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جي 5 سالن جي ڌيءَ کي سوشل ميڊيا جي ذريعي ريپ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.
ڀارتي ميڊيا موجب پوليس ڌمڪي ڏيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي عمر 16 سال آهي ۽ هو 12هين درجي جو شاگرد آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي آچر جي ڏينهن نمناڪپيا نالي ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو جنهن جاچ دوران ڌوني جي گهرواري جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڌمڪي پوسٽ ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔