صورتحال کي پاڻ مانيٽر پيو ڪيان، ڏسون ٿا ته هاڻ مافيا ڇا ٿي ڪري :وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ سموري سرڪاري مشينري کي متحرڪ ڪنداسين ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اسان سڄو ڌيان مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ تي هوندو.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجلي گيس ۽ دوائن جي وڌندڙ اگهن تي بحث ٿيو، وزيرن وڌندڙ مهانگائي تي هنگامي قدمن جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير مراد سعيد، شيخ رشيد، فيصل واوڊا ۽ ٻين وزيرن مهانگائي جو معاملو کنيو. ڪابينا ميمبرن چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ضلعي انتظاميا کي شين جي موجودگي يقيني بڻائڻي پوندي.

وزير اعظم عمران خان مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ هنگامي قدمن جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڳالهيون جاري آهن، حڪومت جلد ايڪشن پلان تي عملدرآمد شروع ڪندي، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ لاءِ سموري سرڪاري مشينري متحرڪ ڪنداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جو هاڻ سڄو ڌيان مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ تي هوندو ۽ سڄي صورتحال آئون پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهيان، ڏسون ٿا ته هاڻ مافيا ڇا ٿي ڪري.

ٻئي پاسي وزير اعظم عمران خان اين سي او سي کي ڪورونا جي صورتحال تي گهري نظر رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪورونا ڪيس وڌيا ته اسڪول، شادي هال ۽ ٻين اجتماعن تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔