غيرمسلم پاڪستانين جي سياسي المئي جو مقدمو (حصو ٻيو)

ان کانپوء 1999 ۾ پرويز مشرف مداخلت ڪري مارشل لا لڳائي ڇڏيو ۽ بعد ۾ جڏهن 2002 ۾ چونڊون ٿيون ته ڊڪٽيٽر شودر ووٽرن جي شودر ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي به برهمڻ شهرين جي برابر ڪري ڇڏيو ۽ اهو نظام ڊڪٽيٽر پاران ڏنل هڪ انتهائي بهترين نظام هو جنهن سان تقريبا 78 لک پاڪستانين کي پهريون ڀيرو سڃاڻپ ملي ۽ اهي آمريت ذريعي پاڪستان جي جمهوري عمل جو حصو بڻيا پر انهن جي مذهبي شناخت تحت مخصوص سيٽن جي نامزدگي جو اختيار وري به سياسي وڏيرن پاڻ وٽ رکيو، ان نئين نظام تحت ڪو به اميدوار هر پاڪستاني شهري کان رنگ، نسل ۽ مذهب کان بالا تر ووٽ گهري پئي سگهيو پر خبر ناهي ڇو (ڪجهه هندو پاڪستانين جي هڪ ٻن مثالن کي ڇڏي) غير مسلمان شهرين جي سياسي پسماندگي سبب يا انهن جي نالائقي ۽ غلامي واري خيال سبب ڪنهن کي به سڄي ملڪ ۾ صوبائي ۽ قومي اسمبلي جي ڪنهن به حلقي تي ڪنهن به مسيحي يا ٻين غير مسلمان سياسي شخصيتن کي کڻي اهو پاڻ کي ڪيترو به وڏو سياس گرو ڇو نه سمجهندو هجي، ڪڏهن به ڪنهن کي به ميرٽ تي ٽڪيٽ ناهي ملي يا وري ان کي پاڪستاني اميدوار بڻائي پاڪستاني ووٽرن سامهون پيش ئي ناهي ڪيو ويو ۽ اها پاڪستاني اڳواڻن جي ٻين ڪمزورين کان وڏي ڪمزوري به آهي ۽ مسيحي سياسي ڪارڪنن جو چٽو ثبوت به آهي پر پوءِ به خبر ناهي ته ڇو ڪوئي ان ميرٽ تي پورو ناهي لٿو (يا وري انهن مان ڪڏهن ڪو ان ميرٽ تي پورو لٿو ئي ناهي ۽ ان جا  ڪئي تاريخي، سياسي، مذهبي ۽ سماجي سبب ٿي سگهن ٿا) مثال طور اسان جي سياسي قيادت اڄ تائين پنهنجي پيروڪارن کي اها تربيت نه ڏئي سگهي آهي ته انهن کي پنهنجي اميدوار کي پنهنجي برادري، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي نه پر سياسي منشور تحت ووٽ ڏئي، ان کان علاوه هاڻوڪي سياسي ۽ انتخابي نظام تحت سياسي وڏيرن غير مسلمان پاڪستاني شهرين کي مذهب جي بنياد تي نمائندگي ڪرائڻ جو حق به پاڻ وٽ رکيو آهي ۽ غير مسلمان نمائندن جي نالي تي پنهنجي من پسند ۽ غلام ماڻهن کي اقليتن جو نمائندو بڻائي ويهاريو بلڪه انهن مٿان ان کي مڙهيو ۽ اهڙي اقليتي نمائندي جو غير مسلمان ووٽرز سان پري پري جو ڪو تعلق نه هوندو آهي ۽ ڪڏهن جيڪڏهن انهن جي اقليتي برادري ۽ پنهنجي سياسي آقائن وچ ۾ مفادن جو ٽڪر ٿئي ٿو ته هو پنهنجي برادري بدران سياسي آقائن طرف بيهن ٿا ۽ ائين ڪرڻ سان هو ڪنهن حد تائين درست به ڪن ٿا، ڏٺو وڃي ته اقليتن جي تناسب سان غير مسلمانن کي ڏني ويندڙ ان نمائندگي به ڪيترن ئي سماجي براين کي جنم ڏنو آهي، مثلا، خوشامند، چاپلوسي، سياسي پارٽين جي ورڪرن درميان هڪ ٻئي کان انتها درجي جي نفرت ۽ اهڙيء طرح جون ٻيون برايون ان انتخابي مسئلي جي پيداوار آهن ۽ ان نظام جي سڀ کان وڏي غير جمهوري روايت اها آهي ته 3626365ووٽرن جا 37نمائندا ٽي يا چار سياسي اڳواڻ سليڪٽ ڪن ٿا، اهي نالي ماتر اقليتي نمائندا اسيمبلي ۾ ويهي نمائندگي نه پر پنهنجي آقائن جي مفادن جي حفاظت ڪندا آهن نه ڪي وري هو انهن ماڻهن جي حفاظت ڪندا آهن جنهن جي نمائندي هئڻ جي هو دعوي ڪندا آهن ۽ يقينا هو اهو عمل ڪرڻ جا حقدار به آهن، ڇو جو نالو کڻي غير مسلمان شهرين جو هجي ٿو پر هو عهدو ته ڪنهن ٻئي جي ڪري حاصل ڪندا آهن.

ان نظام تحت2002 کانپوء 2008۽ 2013 کان وٺي2018 جون چونڊون ٿي چڪيون آهن ۽ هر ڀيري گهٽ ۾ گهٽ 37 غير مسلمان ۽ ڪجهه ڀيرا ته 40 ۽ 42 اميدوار به چونڊجي چڪا آهن (ڇو ته عورتن جي مخصوص 37 سيٽن کان علاوه به ايوان ۾ عورتون چونڊجي پهچنديون آهن) ۽ انهن جمهوري غلامن کي نامزد ڪرڻ جي معيار جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جو هڪ ڀيرو حڪمران خاندان جي هڪ بيوٽيشن عورت به آئين سازي لاءِ مخصوص ايوان جو حصو بڻجي چڪي آهي ۽ ايم اين اي ٿيڻ جو منصب جليله به حاصل ڪري چڪي آهي .

هاڻي جيڪڏهن اسين 73 سالن جي سياسي الميي کي ڪجهه لفظن ۾ بيان ڪيون ته اهو هيئن بيان ٿيندو ته جيڪڏهن انهن سياسي وڏيرن پنهنجي مرضي جا نمائندا پاڻ سان گڏ ويهاري ڇڏيا ته گڏيل انتخابي نظام تحت انهن کي ايوانن کان پري رهڻو پوندو پوءِ الڳ انتخابي نظام تحت انهن ڌرتي واسين کي قومي سڃاڻپ کان هٿ ڌوئڻو پئجي ويندو، مخلوط چونڊن جي نظام تحت انهن کي پنهنجي سڃاڻپ ته ملي چڪي آهي پر اقليتي نمائندگي جي نالي تي پنهنجي من پسند ماڻهن کي ايوانن ۾ ويهاريو وڃي ٿو، ان ڪري غير مسلمان پاڪستانين لاءِ اهڙي سياسي نظام جي ضرورت آهي جنهن ذريعي هو پنهنجي قومي سڃاڻپ وسيلي پنهنجي حلقي جو نمائندو چونڊي سگهن، پنهنجي مذهبي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجا مذهبي نمائندا به پنهنجي ووٽ سان ئي چونڊن، ان ڪري غير مسلمان پاڪستانين کي مڪمل پاڪستاني ۽ پنهنجي عقيدي مطابق زندگي گزارڻ جو سياسي حق ڏيڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته انهن کي ٻٽي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي، جنهن ۾ انهن جي قومي سڃاڻ به قائم رهي ۽ انهن جي مذهبي سڃاڻپ تي جيڪي ماڻهو ايوانن ۾ وڃن ٿا انهن کي چونڊن جو حق به سندن وٽ هجي، يعني هو هڪ ووٽ پنهنجي قومي، صوبائي، ضلعي، تعلقي ۽ يوسي ۾ ڏين ۽ ٻيو ووٽ پنهنجي سڃاڻپ تي ايوانن ۾ ويٺلن کي پنهنجي ووٽ سان چونڊين، ان چونڊ طريقي سان هو پنهنجي پاڪستاني قومي سڃاڻپ لاءِ پنهنجي قومي ۽ صوبائي حلقي جي نمائندي جي چونڊن ڪن ۽ پنهنجي مذهبي حقن ۽ مفادن خاطر پنهنجي مذهبي شناخت تي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهن مان پنهنجا نمائندا نه چونڊين ان  چونڊ نظام جا تفصيل ۽ ٻيا طريقا به آبادي جي انگن اکرن ۽ سماجي حالتن کي نظر ۾ رکي طي ڪري سگهجن ٿا، ان ۾ ئي پاڪستاني اقليتن جي سياسي بقا ۽ پاڪستان جي جمهوري نظام جي بقا آهي جيتوڻيڪ اها آئيڊيل صورتحال ڪونهي ڇو جو آئين ۾ ترميمون ٿيڻ باوجود آئين جون ڪئي شقون غير مسلمان شهرين جي بنيادي حقن جي خلاف آهن پر پاڪستان جا هي پر امن شهري پنهنجي رياستي ادارن جي مجبورين کي نظر ۾ رکندي انهن جي ڪمزورين سبب حالتن سان سمجهوتو ڪرڻ ڄاڻين ٿا، ٿوري به آئيني ترميم غير مسلمان پاڪستاني شهرين لئه وڏو ريليف ٿي سگهي ٿي ۽ ٿورڙي ڪوشش سان پاڪستاني غير مسلمان شهري سياسي طور تي مطمئن ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جو معاشي توڙي سماجي استحصال گهٽجي سگهي ٿوڇو جو هن وقت تائين غير مسلم پاڪستان مٿان مڙهيل چونڊ نظام سان هڪ ته انهن جي قومي سڃاڻپ وڃائجي ٿي وڃي ۽ ٻيو وري سندن مذهبي شناخت تي چونڊيل نمائندا به انهن جي بدران ٻين جي مقصصدن جو تحفظ ڪن ٿا، ان جمهوري نظام جي بقا، غير مسلمان پاڪستان کي مطمئن ڪرڻ سان مشروط آهي، ڇو جو اڄ ڪلهه جي ترقي ۽ تهذيب يافته دور ۾ ڪنهن به ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ مادي ترقي جو هڪ معيار اهو به آهي ته ان ملڪ۾ رنگ، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي اقليتن ۾ شمار ڪيل ماڻهن کي پنهنجي سياسي ۽ سماجي معاملن کي حل ڪرڻ جو پوري آزادي هئڻ گهرجي ۽ اهي پنهنجي اقليتي ماڻهو پنهنجي سماجي، مذهبي ۽ سياسي حقن مان مطمئن هجن، پاڪستان معاشري  ۽ سياسي نظام ۾ غير مسلمان پاڪستانين جي ڪهڙي اهميت آهي، ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ اسان کي هنن انگن اکرن کي سمجهڻو پوندو.

پاڪستان جي مجموعي غير مسلمانن جا ووٽ ته 3626365 آهن پر اهي سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن ۽ ان جو اندازو اوهان ان مان به لڳائي سگهو ٿا ته ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا جي اگست 2012 جي هڪ سروي مطابق 2008 جي چونڊن ۾ پاڪستان جي 59 انتخابي تڪ اهڙا هئا جتي غيرمسلمان ووٽرز جو انگ کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ اميدوارن کي پوندڙ مجموعي ووٽن کان به گهڻو آهي، اهڙيء طرح هڪ ٻي تحقيق مطابق قومي اسمبلي جا 98 انتخابي تڪ اهڙا آهن، جتي غير مسلمان ووٽرز جو انگ 10 هزار يا ان کان وڌيڪ آهي، هڪ ٻي تحقيق موجب پاڪستان جي 14 ضلعن ۾ مسيحي ووٽرز جو انگ 50 هزار يا ان کان وڌيڪ آهي، جنهن مان 13 ضلعا پنجاب جا آهن ۽ هڪ ضلعو سنڌ جو ڪراچي آهي، ان ئي تحقيق موجب پاڪستان ۾ هندو ووٽرز جي تعداد 11 ضلعن ۾ 50 هزار يا ان کان وڌيڪ آهي ۽ انهن مان 10 ضلعا سنڌ ۽ هڪ پنجاب جو ضلعو رحيم يار خان آهي، ان لاءِ جڏهن مختلف پارٽيون سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ غير مسلمان اميدوارن کي غير مسلمان ووٽرز اڳيان بيهارينديون ته يقينا پنهنجي سياسي منشور ۾ انهن جي حقن جي به ڳالهه رکنديون ۽ ان عمل سان ملڪ ۾ ڀائيچارو ۽ مذهبي رواداري وڌندي، ان سان ملڪ ۾ ٿيندڙ ناخوشگوار واقعن ۾ به ڪمي ٿيندي، ان سان گڏوگڏ اقليتن تي ظلم بابت ٿيندڙ عالمي تنقيد ۾ به گهٽتائي ايندي، دنيا ۾ ملڪ جو نالو به روشن ٿيندو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته غير مسلمان پنهنجي قومي ۽ مذهبي سڃاڻپ تي خوش زندگي گزاريندا، هن انتخابي نظام جي تفصيل ۽ ٻيا معاملا آبادي ۽ ٻين معاملن کي نظر ۾ رکي تيار ڪري سگهجن ٿا، ان ئي نظام ۾ پاڪستاني اقليتن جي سياسي بقا آهي ۽ ان ئي نظام ۾ پاڪستان جي جمهوري بقا به آهي، جيتوڻيڪ هي نظام به آئيڊيل نه هوندو، ڇو جو آئين پاڪستان جون گهڻيون شقون غير مسلمانن جي بنيادي ۽ انساني حقن جي ابتڙ آهن تنهن هوندي به هي سياسي نظام ۽ آئيني ترميم اقليتن لاء رليف ثابت ٿيندو ڇو جو هن وقت تائين ٿيندڙ انتخابن وسيلي غير مسلمان پاڪستاني پنهنجي سڃاڻپ کان محروم ٿيا آهن ۽ گذريل چونڊ طريقا اقليتن جي تحفظ بدران ٻين جي تحفظ جو سبب بڻيل هئا، ان ڪري جمهوري نظام جي بقا ۽ غير مسلمان پاڪستانين کي مطمئن ڪرڻ سميت اڄوڪي جديد دور جي به گهرج آهي ته رنگ، مذهب، نسل ۽ مسلڪ جي بنياد تي نه پر سڀني کي هڪ جهڙا ئي حق ملڻ گهرجن ۽ اهي انهن حقن مان مطئن به هجن.

مٿي بيان ڪيل تاريخي ثبوتن مان خبر پوي ٿي ته هن سڄي صورتحال جا ذميواري نه رڳو سياسي وڏيرا آهن پر اسين پاڻ به آهيون، ڇو جو گڏيل چونڊ نظام تحت جڏهن اسان کي ڪا ڪاميابي نه ملي ته اسان  الڳ الڳ چونڊ نظام جو نعرو بلند ڪيو جنهن ۾ اسين اڇوت بڻجي وياسين ۽ ان دوران به اسين مفادن لاء ڪم ڪندا رهياسين پر پوءِ ڪجه ماڻهن وري گڏيل چونڊ نظام جو نعرو بلند ڪيو ۽ جڏهن گڏيل چونڊ نظام مليو ته اسين وري هڪ ڀيرو اڇوت ٿيڻ لاءِ شور ڪرڻ لڳاسين، يعني گذريل 73 سالن ۾ اسان ڪجهه ناهي سکيو ۽ عيسائي جيڪي برضعير ۾ تعليم جي بانين، سياسي، سماجي شعور ۽ آگاهي ڏيڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا هئا ۽ پوري ملڪ جي تعليمي ادارن جا مالڪ آهن پر پنهنجي ماڻهن جي فڪري ۽ شعوري تربيت نه ڪري سگهيا ۽ هندوسوڀوگيانچنداني جهڙاسياسي گرو رکڻ باوجود به ڪنهن قسم جي جدوجهد نه ڪري سگهيا ۽ ٻين اقليتن سان واسطورکندڙ ماڻهو تعداد ۾ گهٽ هئڻ سبب اڳتي نه اچي سگهيا.

اهڙي طرح قيام پاڪستان کان وٺي هن وقت تائين وڏا جمهوريت پسند، انصاف پسند، مساوات پسند ۽ بڪتر بند گاڏين وارا به آهي پر 15 ڀيرا قومي اسمبلي بڻجڻ ۽ لڳ ڀڳ ايترا ئي ڀيرا صوبائي اسيمبليون بڻجن ۽ 1973 جي آئين بعد سينيٽ ۾ ڪيئي ڀيرا چونڊيو ويو پر ان سڄي نظام ۾  قومي ۽ صوبائي اسميبلين سميت سينيٽ ۾ به رڳو تقريبا 300 مسيحين، سکن، هندو، پارسي ۽ احمدين کي آندو ويو ۽ انهن ئي 300 ماڻهن کان علاوه ڪو به غير مسلمان پاڪستاني مطمئن نه ٿيو ۽ جيڪڏهن ائين ئي ڪجهه ماڻهن لاء چونڊ رات سنجيده، ڪجهه ماڻهن لئه الميو ۽ ڪجهه ماڻهن لئه سنهري موقعو رهيو ته تقريبا 78 لک غير مسلمان پاڪستاني ائين ئي غير مطمئن ۽ مايوس رهندا. حد ته اها آهي ته غير مسلمان پاڪستانين سان هي ايڏي وڏي مذاق آهي جو انهن 300 مان به اڄ ڪلهه وارا 37 به ڪڏهن ڪڏهن کليل ڪچهرين ته ڪڏهن وري بند ڪمرن ۾ پنهنجي محفلن ۾ پاڪستان جي چونڊ نظام تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندا آهن، جيتوڻيڪ انهن جا مفاد به هاڻوڪي سياسي نظام سان وابسته ٿي ويندا آهن، جيتوڻيڪ عام غير مسلمان پاڪستاني ڪڏهن به هاڻوڪي چونڊ نظام مان مطمئن ناهن ٿيا پر ان نظام مان فائدو وٺندڙ به بند ڪمرن ۾ ان جي خامين تي ڳالهائيندا آهن، يقينا 73 سالن جي تاريخ تي ٻڌل غير مسلمان پاڪستان جو اهو سياسي نظام  ارسطو ۽ سقراط جي سطح واري سياسي بصيرت رکندڙ سياسي دانشورن ۽ ڏانهن لئه پريشاني جوڳو مقام آهي ۽ غير مسلمان پاڪستانين لئه اهو بي چيني جو سبب آهي.

اهڙي چونڊ نظام سان سياسي ۽ رياستي وڏيرن جي گهٽ دلچسپي ۽ اهڙي طرح ٻين امتيازي قانونن سبب سماج ۾ جيڪي امتيازي، سماجي، معاشرتي ۽ سياسي مسئلن سبب جيڪي سانحا ٿين ٿا انهن جا نتيجا به پاڪستاني رياست، حڪومت ۽ قوم کي برداشت ڪرڻا پون ٿا، ان ڪري اهو ياد رکڻ گهرجي ته هڪ سٺو چونڊ نظام غير مسلمان پاڪستانين ۽ پاڪستاني قوم کي انهن نقصانن کان بچائي سگهي ٿو پر افسسوس اهڙو قدم اڄ تائين ڇو ناهي کنيو ويو؟ اهو اسان جي سياسي ڏاهن ۽ سياسي حڪمرانن لئه پريشاني جو مقام آهي.

سياسي اشرافيا جيڪا غير مسلم پاڪستانين کي انهن جي ڏڻن جي موقعي تي انهن کي پنهنجو ڀاء ته قرار ڏئي ٿي پر انهن جي پنهنجي ڀائرن جي قومي، سياسي ۽ مذهبي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ انهن جي غير سنجيدگي جو چٽو مثال هاڻوڪي 2018 کان 2023 تائين جي پنجاب اسيمبلي مان به لڳائي سگهجي ٿو، هاڻوڪي چونڊ نظام مطابق 2017 جي آباد شماري جي انگن اکرن مطابق پنجاب جي پسمانده ترين ضلعن ۾ آباد تقريبا پوڻا ٽي لک هندو آباد آهن پر انهن جي نمائندگي لئه هڪ به ايم پي اي موجود ڪونهي.  (جاري )

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔