ملڪ جي 103 ضلعن ۾ 3 هزار 497 هنڌن تي اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

اسلام آباد : وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي 103 ضلعن ۾ 3 هزار 497 هنڌن تي اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران وفاقي وزير اسد عمر ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي درست قدمن جي ڪري ڪرونا وائرس کان ڪيتريون ئي قيمتي جانيون بچايون ويون. هن چيو ته عوام ڪرونا کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪرونا جي ٻئي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ احتياطي قدم ضروري آهن، ڪرونا بابت قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلي مطابق ماسڪ جو استعمال لازمي هوندو. اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته تعليمي ادارن ۽ شادي هالز جي سخت مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون. ڪي پي جي چيف سيڪريٽري چيو ته ڪرونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي شادي هالز ۽ ريسٽورنٽس خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔