پشاور : پشاور جي علائقي ڪوچي بازار ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت چار ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب، چئن زخمين کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.ريسڪيو عملدارن موجب، 6 فائر ٽينڊر ۽ 40 اهلڪار باهه تي ضابطو آڻي چڪا آهن، گهٽيون تنگ هجڻ ڪري باهه وسائڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب معلوم ناهي ٿيو. باهه وسائڻ دوران ٻن فائر فائٽرز جي حالت به خراب ٿي وئي.