ڪراچي: سنڌ ڪابينا پينشن سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا پينشن سڌارن جي منظوري ڏني.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب، پينشن سڌارن جو نوٽيفڪيشن ناڻي کاتي پاران جاري ڪيو ويندو.سنڌ ڪابينا، ليبر کاتي کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، اجرت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان اڳ سڀئي قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن.ٻئي طرف، سنڌ ڪابينا زرعي آمدني ٽيڪس قاعدن جي منظوري ڏني، جنهن تحت زميندارن کي سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) سان رجسٽر ٿيڻو پوندو.ڪابينا چيئرمين هيومن رائٽس ڪميشن اقبال دٿو خلاف الزامن جي جاچ لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن ۾ قانون وارو وزير، ايڪسائيز وزير ۽ انساني حقن لاءِ خاص مددگار شامل آهن