لاهور: بنگلاديش جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بنگلاديش جي خلاف قومي ٽيم ۾ سلمان علي آغا(ڪپتان) ابرار احمد، احمد دانيال، فهيم اشرف، فخرزمان ۽ حسن نواز کي به شامل ڪيو ويو آهي.
انهي کان علاوه حسين طلعه، خوش دل شاهه، عباس آفريدي، محمد حارث، محمد نواز، صائم ايوب، صاحبزاده فرحان، سفيان مقيم ۽ سلمان مرزا به ٽيم ۾ شامل آهن.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز 20 جولاءِ کان شروع ٿيندي. ٻئي طرف نويد اڪرم چيمه، ٽيم جو مئنيجر جڏهن ته مائيڪ بيسن هيڊ ڪوچ مقرر هوندا. ايشلي نوفڪي بالنگ ڪوچ، محمد حنيف ملڪ بيٽنگ ڪوچ هوندا.
انهي کان علاوه شين ميڪڊ رمٽ کي فيلڊنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. گرانٽ لوڊن اسٽرنٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ هوندا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي ايڊوائزر عامر مير جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ نائب ڪپتان جو رواج ناهي انهي لاءِ نائب ڪپتان جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 16 جولاءِ تي بنگلاديش پهچندي جتي ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽي 20 سيريز جي شروعات 20جولاءِ کان ٿيندي. شيڊول موجب پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ 20 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. ٻيون ميچ 22 جولاءِ جڏهن ته ٽيون ميچ 24 جولاءِ تي شيڊول آهي.