بنون : بنون پوليس اسٽيشنن ميريان ۽ هويد ۾ ٻن الڳ الڳ ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملن ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، گذريل رات هويد ۾ هڪ گهر تي نامعلوم طرف کان ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ ٽي زخمي ٿيا. ٻيو ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملو صبح جو سوير پوليس اسٽيشن ميريان تي ڪيو ويو، جڏهن ته حملي ۾ پوليس اسٽيشن جي ڇت تي نصب ٿيل سولر پينل کي نقصان پهتو.فوتين ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس چيو ته ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون تمام گهڻي اوچائي تي هو. پوليس ٻنهي هنڌن تي پهچي علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو.بنون ۾ دهشتگردن پاران هي چوٿون ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملو آهي.