مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو به ڪورونا وائرس جو شڪار

لزبن: جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پرتگال سان واسطو رکندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو هن وقت پنهنجي قومي ٽيم سان گڏ موجود آهي.
پرتگال کي نيشن ليگز ۾ سوئيڊن جو مقابلو ڪرڻو آهي پر هاڻ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ سبب پرتگال کي ڪرسٽيانو رونالڊو جون خدمتون حاصل نه هونديون.
پرتگال فٽبال فيڊريشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪرسٽيانو رونالڊو ٽيم کي ڇڏي آئسوليشن ۾ هليو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته 35 ورهين جي فٽبالر کي ڪورونا جون ڪي علامتون ظاهر نه ٿيون، هو بهتر آهي.
ڪرسٽيانو رونالڊو جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ هاڻ ٽيم جي ٻين رانديگرن ۽ اسٽاف ميمبرن جا به نمونا ورتا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔