طالبان آمريڪا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن دوران ٽرمپ جي کٽڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

واشنگٽن: افغان طالبان آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر ڪامياب ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.آمريڪي نيوز چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته اسان کي يقين آهي ته ٽرمپ آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ کٽي ويندو ڇو ته هو هڪ اهڙو سياستدان آهي جنهن آمريڪين سان ڪيل سمورا وڏا واعدا پورا ڪيا آهن.طالبان جي ترجمان چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ننڍيون وڏيون ڳالهيون رهجي ويون هجن پر ٽرمپ سمورا وڏا واعدا پورا ڪيا آهن ان لاءِ امڪان آهي ته آمريڪي عوام جيڪي ماضي ۾ ڌوڪا کاڌا آهن هڪ دفعو ٻيهر ٽرمپ تي اعتماد ڪندا. ذبيح الله مجاهد تازو ئي صدر ٽرمپ جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ سندس جلد صحتيابي جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. رپورٽ موجب هڪ ٻئي سينئر طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته ٽرمپ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي افغانستان مان آمريڪي فوج جو انخلا مڪمل ڪندو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ ڊسمبر ۾ ڪرسمس تائين افغانستان مان آمريڪي فوج جي انخلا جو اشارو ڏنو هو ۽ طالبان طرفان به ان بيان جي آجيان ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔