مڙس جي اجازت کان پوءِ ايمان علي جي شوبز انڊسٽري ۾ واپسي

لاهور: پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل ايمان علي کي مڙس شوبز جي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ هن هڪ فوٽو شوٽ به ڪرايو جيڪو سوشل ميڊيا تي ايندي ئي مشهور ٿيڻ لڳو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ايمان علي سوشل ميڊيا تي پنهنجي نئين فوٽو شوٽ جي تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته پابندي ختم. ايمان علي جي شادي گذريل سال بابر بهٽي سان ٿي هئي هن مڙس جي هدايت تي شوبز سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ گهر کي وقت ڏئي رهي هئي.اداڪاره ۽ ماڊل جي گهڻي زور ڀرڻ تي کيس مڙس پاران شوبز ۾ بيهر ڪم ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي هن فوٽو شوٽ سان گڏ شوبز ۾ زبردست انٽري ڏئي ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔