فرانس ۾ ٻه ننڍا جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا، پنج ڄڻا اجل جو شڪار

پيرس: پيرس ۾ 2 ننڍا جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جهازن جي نگراني کان پوءِ زنده بچي ويلن جي حوالي سان ڪابه خبر سامهون ناهي اچي سگهي. هيڊ آف پريفيڪچر ناديه سيفهر ان حوالي سان چيو آهي ته الٽرا لائٽ جهاز ڪنهن کي به زخمي ڪرڻ کان سواءِ هڪ اهڙي علائقا ۾ ڪريا جتي آبادي نه هئي.ميڊيا رپورٽن موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ هڪ جهاز ۾ 2 جڏهن ته ٻئي جهاز ۾ 3 ڄڻا سوار هئا جيڪي موقعي تي ئي حياتيون وڃائي ويٺا ۽ جهازن ۾ ڪنهن جي به زنده بچڻ جي ڪابه خبر سامهون ناهي آئي.حادثي کان پوءِ فوري طور تي 50 فائٽرز، 30 جينڊ آرمز ۽ هوابازي جا ماهر جهاز ڪرڻ واري هنڌ تي پهتا. جڏهن ته جهاز ٽڪرائجڻ جو سبب اڃان تائين سامهون ناهي اچي سگهيو. حادثي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔